Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #61 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَّخِذُوا الَّذِينَ اتَّخَذُوا دِينَكُمْ هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِكُمْ وَالْكُفَّارَ أَوْلِيَاءَ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
اي ايمان وارؤ! جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن پنھنجي دين کي مزاڪ ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نہ بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله کان ڊڄو
وَإِذَا نَادَيْتُمْ إِلَى الصَّلَاةِ اتَّخَذُوهَا هُزُوًا وَلَعِبًا ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَا يَعْقِلُونَ
۽ جڏھن (اوھين) نماز لاءِ ٻانگ ڏيندا آھيو (تڏھن اُھي) اُن کي مزاڪ ۽ راند ڀانئيندا آھن اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن
قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ هَلْ تَنْقِمُونَ مِنَّا إِلَّا أَنْ آمَنَّا بِاللَّهِ وَمَا أُنْزِلَ إِلَيْنَا وَمَا أُنْزِلَ مِنْ قَبْلُ وَأَنَّ أَكْثَرَكُمْ فَاسِقُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ اي ڪتاب وارؤ! ھن کان سواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ تہ الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اَٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن
قُلْ هَلْ أُنَبِّئُكُمْ بِشَرٍّ مِنْ ذَٰلِكَ مَثُوبَةً عِنْدَ اللَّهِ ۚ مَنْ لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيْهِ وَجَعَلَ مِنْهُمُ الْقِرَدَةَ وَالْخَنَازِيرَ وَعَبَدَ الطَّاغُوتَ ۚ أُولَٰئِكَ شَرٌّ مَكَانًا وَأَضَلُّ عَنْ سَوَاءِ السَّبِيلِ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله وٽ ھن کان وڌيڪ بُڇڙيءَ عاقبت واري جي اوھان کي خبر ڏيان؟ (بڇڙيءَ عاقبت وارو) اُھو آھي جن تي الله لعنت ڪئي آھي ۽ مٿس ڏمر ڪيو آھي ۽ منجھانئن ڪي ڀولڙا ۽ سوئر ۽ غير خدا جا پوڄيندڙ ڪيائين، اِھي بڇڙي ھنڌ رھڻ وارا آھن ۽ سڌي واٽ کان بلڪل ڀُليل آھن
وَإِذَا جَاءُوكُمْ قَالُوا آمَنَّا وَقَدْ دَخَلُوا بِالْكُفْرِ وَهُمْ قَدْ خَرَجُوا بِهِ ۚ وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا كَانُوا يَكْتُمُونَ
۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان اندر ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ٻاھر ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: