Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Burooj Ayahs #12 Translated in Sindhi

وَمَا نَقَمُوا مِنْهُمْ إِلَّا أَنْ يُؤْمِنُوا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نہ ٿي ورتو تہ انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو
الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شئي جي خبر رکندڙ آھي
إِنَّ الَّذِينَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيقِ
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو، وري توبھ نہ ڪيائون، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ ساڙيندڙ عذاب (بہ) آھي
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ جَنَّاتٌ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيرُ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن، جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي ڪاميابي آھي
إِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو پڪڙڻ بلڪل سخت آھي

Choose other languages: