Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Anfal Ayahs #17 Translated in Sindhi

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَاقُّوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۚ وَمَنْ يُشَاقِقِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو تہ بيشڪ الله سخت سزا (ڏيندڙ) آھي
ذَٰلِكُمْ فَذُوقُوهُ وَأَنَّ لِلْكَافِرِينَ عَذَابَ النَّارِ
اھا (سزا اوھين) چکو ۽ (پڪ ڄاڻو) تہ ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا لَقِيتُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوهُمُ الْأَدْبَارَ
اي مؤمنؤ! جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نہ ڦرو
وَمَنْ يُوَلِّهِمْ يَوْمَئِذٍ دُبُرَهُ إِلَّا مُتَحَرِّفًا لِقِتَالٍ أَوْ مُتَحَيِّزًا إِلَىٰ فِئَةٍ فَقَدْ بَاءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأْوَاهُ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ
۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي چال ڪندڙ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀاسي وٺندڙ کانسواءِ جيڪو اُنھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي
فَلَمْ تَقْتُلُوهُمْ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُمْ ۚ وَمَا رَمَيْتَ إِذْ رَمَيْتَ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ رَمَىٰ ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِينَ مِنْهُ بَلَاءً حَسَنًا ۚ إِنَّ اللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
پوءِ کين اوھان قتل نہ ڪيو پر الله کين قتا ڪيو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي تہ (اُھا) تو نہ اُڇلي پر الله اُڇلي، ۽ (ھن لاءِ) تہ پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: