Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #50 Translated in Sindhi

وَقَوْمَ نُوحٍ مِنْ قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) ڇو جو اُھي بدڪار ماڻھو ھئا
وَالسَّمَاءَ بَنَيْنَاهَا بِأَيْدٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ
۽ آسمانن کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون
وَالْأَرْضَ فَرَشْنَاهَا فَنِعْمَ الْمَاهِدُونَ
۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون
وَمِنْ كُلِّ شَيْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
۽ سڀڪنھن شئي مان جوڙو جوڙو بڻايوسون تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
فَفِرُّوا إِلَى اللَّهِ ۖ إِنِّي لَكُمْ مِنْهُ نَذِيرٌ مُبِينٌ
تنھن ڪري (اي پيغمبر! منھنجن ٻانھن کي چئو تہ) الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندن طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان

Choose other languages: