Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #40 Translated in Sindhi

فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِنَ الْمُسْلِمِينَ
پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نہ ڏٺوسون
وَتَرَكْنَا فِيهَا آيَةً لِلَّذِينَ يَخَافُونَ الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن، تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون
وَفِي مُوسَىٰ إِذْ أَرْسَلْنَاهُ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ بِسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ موسىٰ (جي قصي) ۾ (بہ عبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون
فَتَوَلَّىٰ بِرُكْنِهِ وَقَالَ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت مُنھن موڙيو، چيائين تہ (ھيءُ) جادوگر يا چريو آھي
فَأَخَذْنَاهُ وَجُنُودَهُ فَنَبَذْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ
تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون، پوءِ انھن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون

Choose other languages: